جلال الدين سيوطي

جلال الدين، سيوطي: جلال الدين سيوطي وقت جو وڏو ديني بزرگ، مـصنـف ۽ اسـتـاد ٿي گـذريو آهي. سـنـدس نالو ابوالفضل عبدالرحمان بن ابوبڪر جلال الدين السيوطي هو. سندس ولادت 1445ع ۾ ٿي. جلال الدين سيوطيءَ جون تحريرون ۽ تصنيفون خاص ڪري اسلامي موضوعن تي آهن. جلال الدين هڪ قاضيءَ جو پٽ هو، جنهن کيس هڪ صوفي دوست کان تعليم ڏياري، جلال الدين سيوطيءَ نوجوانيءَ ۾ ئي معلم بڻجي، تعليم ۽ تدريس جو پيشو اختيار ڪيو. 1486ع ۾ جلال الدين سيوطيءَ کي قاهره ۾ بيبارس مسجد ۾ خطيب مقرر ڪيو ويو. آخر تائين خاموشيءَ سان تصنيف ۽ تالـيـف جـو ڪـم ڪـنـدو رهـيـو. جـن مـان ڪـجهه نـنـڍا ڪـتابچه ۽ باقي انسائيڪلوپيڊيائي تحريرون آهن، هن جي مشهور ڪتابن ۾ ’تاريخ الخلفا‘، ’تفسير الجلالين‘، ’اتفاق في العلوم القرآن‘ تمام گهڻا مشهور آهن، ان کانـسـواءِ سـنـدس ڪـتاب ’الـمـظهـر فـي الـعلـوم في اللغة والا نواعية‘، هڪ لساني انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن ۾ عربي ادب جي تاريخ، علم، معاني، علم بيان، علم الاصوات ۽ مارفالاجي جهڙا موضوع شامل آهن.
علامه جلال الدين سيوطيءَ 1505ع ۾ وفات ڪئي .


لفظ جلال الدين سيوطيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1445.00.00  عيسوي

جلال الدين سيوطي 1445ع ۾ پيدا ٿيو.


1505.00.00  عيسوي

جلال الدين سيوطي 1505ع ۾ وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

نيڪ محمد سومرو
تاجو ليکي
جارج-5
شيخ عبدالرحيم سنڌي
خميسو خان
الڀو شيخ ٺٽوي
درس ظهورالحسن مولانا
جهانداد خان ليفٽينينٽ جنرل
چانڊيو شهمير خان ’شهمير‘
ڀائي خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون